اسلام آباد(بيورو)هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ بابت هڪ ڀيرو ٻيهر خاطري ڪرائي آهي ته حادثي جي انڪوائري شفاف ٿيندي ۽ رپورٽ 22 جون تي ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور ٻڌڏايو ته ماضي ۾ ٿيل جهاز حادثن جي انڪوائري رپورٽ سامهون ناهي اچي سگهي ۽ تازن دورن ۾ به ڪيترائي جهاز حادثا ٿيا، نه ڪنهن ذميوار کي ڳوليو ويو نه ڪنهن کي سزا ملي، آخر ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏيڻو پوندو، ڪنهن جي ڪالر ۾ ته هٿ وجهڻو پوندو.هن چيو ته اسان سڀ ماڻهو ان جا ذميوار آهيون پر اسان کي شين کي ٺيڪ به ڪرڻو آهي ان ڪري احتساب ٿئي ۽ احتساب ٿئي جيئن انهن واقعن تي مستقبل ۾ ضابطو اچي سگهي.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آواز پيا اچن ته ڪراچي جهاز حاڊثي ۾ ٿي سگهي ٿو انڪوائري جانبدار نه هجي پر منهنجو واعدو آهي ته جهاز حادثي جي صاف شفاف انڪوائري ٿيندي ۽ 22 جون تي انڪوائري رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي، ان کان سواءِ ماضي ۾ ٿيل جهاز حادثي جي رپورٽ کان به ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو.هن چيو ته اسان کي هاڻ شين کي ٺيڪ ڪرڻو آهي جنهن جي لاءِ آئون هڪ ٻيو پوائنٽ به شامل ڪري رهيو آهيان ته سمورن پائليٽن جون ڊگريون ۽ لائسنس به چيڪ ڪيا وڃن ڇو ته گذريل دورن ۾ پائليٽن جو ڪوڙيون ڊگريون به سامهون آيون هيون.وفاقي وزير افسوس جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته ڪيترو بدقسمت آهي هي ملڪ جو هر معاملي ۾ ٻه نمبري ڪئي وئي.هن ٻڌايو ته جهاز آبادي تي ڪريو، جنهن سبب ڪيترائي گهر متاثر ٿيا جن جي مدد جي لاءِ حڪومت طرفان رقم ڏني وئي پر انهن مان ڪجهه خاندانن امدادي رقم وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو پر جهاز حادثي جي نقصانن جي سروي ٿي رهي آهي.