تلاشي شروع ٿي وئي، شريف ڀائرن جي جيل وڃڻ جو انتظار آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته رتو ڇاڻ کان بچڻ لاءِ ڪارڪنن کي واپس ڪيو، ڊپ هو ته رت جي راند ٿيندي، ۽ نقصان پاڪستان جو ئي ٿيندو، نواز شريف چارٽر آف ڊيموڪريسي جي نالي تي چارٽر آف مڪ مڪا ڪيو آهي، هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف چيو ته احتجاج ڪندڙن جو مقصد پاناما ليڪس جي معاملي کي رستن تي ڌڪڻ هو پر عوام رستن جي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ پي ٽي آءِ جو جلسو ٿيو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ ايتري وڏي انگ ۾ اچڻ تي اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، پرويز خٽڪ پاڪستان جو هيرو بڻجي چڪو آهي،اسلام آباد ۾ شڪر واري جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جواب ۾ ڪارڪن به ڪنهن کي مارين ها ته اهو به پاڪستاني هجي ها، مون ان جي لاءِ واپس وڃڻ جو چيو جو مون کي رتو ڇاڻ جو کٽڪو هو، پي ٽي آءِ ڪارڪن واپس وڃڻ وارا نه هئا انهن کي مون چيو ته واپس وڃو، مون کي ڊپ هو ته هتي رت جي راند ٿيندي ان جي لاءِ پرويز خٽڪ کي واپس وڃڻ جو چيو، تحريڪ انصاف ڪڏهن به مونجھارن جي سياست ناهي ڪئي، ڊپ هو ته هت رتوڇاڻ ٿيندي ان جي لاءِ پرويز خٽڪ کي واپس وڃن جو چيو، فضل الرحمان منهنجا ٿورا مڃ، توکي ليکيندو ڪير هو، منهنجي ڪري نواز شريف مولانا فضل کي به ليکي رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کان پئسا وٺندو آهي، آصف علي زرداري ۽ خورشيد احمد شاهه کي ڊپ آهي ته سڀاڻي سندن وارو ايندو، عمران خان جو چوڻ هو ته خورشيد احمد شاهه ڪڏهن هڪ ڳالهه ٿو ڪري ڪڏهن ٻي ڳالهه ٿو ڪري، هتي لکين ماڻهو آهن ڇا هيءَ سولو فلائيٽ آهي، مون کي ته هڪ ئي هٿيار نظر آيو اهو شيخ رشيد جو سگار هو، ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان جڏهن ٻئي ڀائر جيل ۾ هوندا، سپريم ڪورٽ جي ججن چيو آهي ته ملڪ ۾ ادارا ڪم نه پيا ڪن، ججن چيو آهي ته پاناما جي ڪري ملڪ ۾ ڪم بيهي ويو آهي، ملڪ جو قرض 8 سالن ۾ چؤڻ تائين وڌي ويو آهي، 8 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 اربن کان 23 هزار ارب رپين تي پهتو. مخالف ڌر جو ڪم حڪومت جي ڪرپشن تي آواز اٿارڻ آهي،آصف علي زرداري ۽ نواز شريف چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ جي نالي تي چارٽر آف مُڪ مُڪا ڪيو، جيستائين ادارا مضبوط نه هوندا تيستائين ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگھي، شهباز شريف چيو هو ته پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍندس، ڪرپشن جي ڪينسر ختم ڪنداسين ته ملڪ ترقي ڪندو، 5 کان 10 هزار ماڻهو آهن جيڪي ملڪ جو رت چوسي رهيا آهن. نواز شريف جي وڪيٽ ڪرندي نظر اچي رهي آهي. ن ليگ ۾ ڏوهاري ايم پي اي ۽ ايم اين اي ويٺل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *