ٺٽو (هه آ) صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته افسوس جو جتان دهشتگردي شروع ٿئي ٿي انهن صوبن جي تعليم اسان جي صوبي سنڌ جنهن جي صدين کان پنهنجي تاريخ آهي جي تعليم کان بهتر آهي جيڪا ڏک جي ڳالهه آهي. هن چيو ته منهنجو مشن آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ وڃي اُتي جي سمورن ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ضلع کان ويندي يونين سطح تائين سمورن چونڊيل نمائندن سان ملاقات ڪري انهن اڳيان جھولي ڦهلايان ته جيئن هو منهنجي مدد ڪن ڇوته تعليم هڪ اهم شعبه آهي جنهن کي اسان کي مٿين سطح پهچائڻو آهي. هن چيو ته تعليم ڪرنگھي جي هڏي مثل آهي ۽ تعليم جو سڌارو اسان ۽ توهان لاءِ هن جنگ آهي اچو ته هن جنگ کي گڏجي ٿوري عرصي ۾ فتح ڪريون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ تعليم جي مسئلن بابت هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايم پي رخسانه شاه، چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو غلام قادر پليجو، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو ممتاز جلباڻي، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو مرزا ناصر علي، ڊائريڪٽر اسڪولز حيدرآباد سيد رسول بخش شاه، پ پ پ اڳواڻ سيد محمود عالم شاه، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، ضلعي آفيسر تعليم نصير ميمڻ ۽ تعليم کاتي جي عمدارن کان علاوه ضلعي سمورن مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن وڏي انگ ۾ موجود هئا. گڏجاڻي جي صدارت ڪندي صوبائي وزير تعليم ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو مرزا ناصر علي کي هدايت ڪئي ته هو هفتي ۾ هڪ دفعو ڪاليجن جو دورو ڪري جڏهن ته تعلقه سطح تي چونڊيل ٽائون چيئرمين ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي سربراهي ۾ ڪميٽيون جوڙيون وڃن جيڪي پڻ هفتي ۾ هڪ دفعو اسڪول ۽ ڪالجن جو دورو ڪري رپورٽ پيش ڪن ته جيئن فوري طور تي قدم کڻي سگھجن. هن چيو ته عملدارن جي غلطي سبب اسان کي اخبارن جي سرخين جي زينت بڻجڻو پوي ٿو. هن چيو %