اسلام آباد: صدر عارف علوي چيو آهي ته تعليم کان محروم رهندڙ ٻارڙن جي ذميواري اسان مٿان آهي. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن.عالمي ترقي ۾ پاڪستاني نوجوانن کي به حصو وٺڻ گهرجي. نوجوانن کي پاڪستاني هجڻ تي فخر هجڻ گهرجي.اهڙن خيالن جو اظهار صدر عارف علوي نمل يونيورسٽي ۾ هڪ ڪوٺايل ڪانووڪيشن ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان کي هميشه الله تعاليٰ کان سڌي راهه تي هلڻ جي دعا گهرڻ گهرجي. ماءُ پيءُ جي نصيحت تي عمل ڪرڻ وارو انسان هميشه ڪامياب رهندو آهي.خوشين جو تعلق پئسي سان ناهي هوندو پر خوشين جو تعلق انساني همدردي ۽ پرهيزگاري سان هوندو آهي. دل ۾ هميشه انسانن جي لاءِ همدردي هجڻ گهرجي. صدر عارف علوي وڌيڪ چيو ته زنده قومون پنهنجي معاشري ۾ غريب طبقي جو خيال رکنديون آهن. جيترو وڏو عهدو هوندو آهي اوتريون وڏيون ذميواريون اسان مٿان هونديون آهن.تعليم کان محروم رهندڙ ٻارڙن جي ذميواري به اسان جي مٿان آهي. قدرتي آفتن جي دوران عوام پاران همدردي ۽ مدد جون ڪيتريون ئي مثالون قائم آهن. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ پنجٽيهه لک افغانين کي پناهه ڏني وئي آهي. انساني همدردي، دين، مذهب اسان جي دلين ۾ ويٺل آهي. معاشري ۾ رهندي ماڻهن کي گڏ نه کڻي هلڻ سبب اڳيان هلي پريشانيون ٿينديون آهن.