ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) قومي احتساب بيورو سنڌ ۾ پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهر الحق خلاف تعليم کاتي اندر 13 هزار جعلي ڀرتين جي جاچ ختم ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق خلاف نيب انڪوائريءَ ۾ ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. نيب جي پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جاچ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جي ضرورت ناهي. هن ٻڌايو ته جاچ رپورٽ موجب پير مظهر الحق جي دور دوران تعليم کاتي ۾ ڪابه ڪرپشن نه ڪئي وئي آهي، نه ته سرڪاري آفيس استعمال ٿي ۽ نه وري سرڪاري ناڻي کي ڪو نقصان پهتو آهي، تنهن ڪري جعلي ڀرتين بابت انڪوائري ختم ڪئي وئي آهي.