ڪراچي(هه آ) بورڊ آف ٽرسٽيز برائي انڊومنٽ فنڊ تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس ۾ تقريبن 1100 نئين شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس جي صدارت ڪندي تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر ٻڌايو ته اڄ تائين 10086 شاگرد ۽ شاگردياڻين کي 1150 ملين روپيا انڊومنٽ فنڊ جي ڏس ۾ ڏنا ويا آهن ۽ هن وقت به تعليم کاتي وٽ 523 ملين روپيا انڊومنٽ فنڊ جي ڏس ۾ موجود آهن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليجز ڊاڪٽر رياض ميمڻ، ايڊيشنل سيڪريٽري انڊومنٽ فنڊ نسيم الغني سهتو ۽ يونيورسٽين جا وائيس چانسلر به موجود هئا. صوبائي وزير ٻڌايو ته انڊومنٽ فنڊ 3-2002 ۾ 200 ملين روپين جي لاڳت سان جاري ڪيو ويو هو ۽ اهو فنڊ مستحق ۽ اهل شاگردن کي پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيو ويندو آهي. اجلاس ۾ انڊس ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊومحمد خان لاءِ 15 سيٽون رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ نوڪري ڪندڙ ملازمن جي ٻارن ۽ ٻارڙين لاءِ آمدني جي حد 12 لک روپيا ساليانو مقرر ڪئي وئي ته جيئن 12 لک تائين سالياني تائين ڪمائيندڙ والدين جا ٻار انڊومنٽ فنڊ لاءِ اهل قرار ٿين. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو انڊومنٽ فنڊ لاءِ اپلائي ڪندڙ نئين اميدوارن لاءِ جلد انٽرويوز منعقد ڪيا ويندا ۽ ترجيحي بنيادن تي غريب ۽ اهل شاگردن کي انڊومنٽ فنڊ جاري ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجو تعليمي ڪئريئر جاري رکي سگھن. صوبائي وزير تعليم ۽ خواندگي ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته تعليم کاتي ۾ مستحق ۽ اهل شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون سمورا فيصلا ميرٽ جي بنياد تي ڪيا پيا وڃن ۽ سمورن معاملن ۾ شفافيت کي برقرار رکيو ويندو.