ڪراچي (هه آ) ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي تعليمي ايمرجنسي جي روشني ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر هڪ ڊويزن ۾ ٻه ۽ گڏيل طور تي ڏهن ٽيڪنيڪل ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن اهو فيصلو اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اسٽيوٽا بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل اسسٽنٽ اسٽيوٽا شاهد ٿهيم، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ نويد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز رياض ميمڻ، سيڪريٽري سماجي بهبود ۽ سوشل ويلفيئر نياز عباسي، سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي پرويز سيهڙ، ايم ڊي اسٽيوٽا رفيق ٻرڙو ۽ ٻيا شريڪ هئا. وڏي وزير کي ايم ڊي اسٽيوٽا رفيق ٻرڙي ٻڌايو ته صوبي ۾ 2800 ٽيڪنيڪل ادارا آهن، جتي مختلف شعبن ۾ تربيت ۽ فني تعليم ڏني ويندي آهي. وڏي وزير چيو ته هُو پهرين مرحلي ۾ چاهي پيو ته ڏهه اسٽيٽ آف آرٽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪيا وڃن، جتي معياري تعليم ذريعي سٺا شاگرد تيار ڪيا وڃن، جيڪي نه رڳو پنهنجو پر پنهنجي ادارن جو به نالو روشن ڪن. هن چيو ته اهي ادارا هڪ برانڊ وانگر هئڻ گهرجن ۽ انهن جي نالي سان نه رڳو ملازمت حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي بلڪ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ به آساني ٿئي. هن چيو ته صوبي ۾ پنج انتظامي ڊويزنز آهن جهڙوڪ حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻو آهن، جتي هو ڏهه اسٽيٽ آف آرٽ انسٽيٽوٽ قائم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هر هڪ ڊويزن ۾ ٻه انسٽيٽيوٽ هوندا. هن سيڪريٽري يونيورسٽيز کي هدايت ڪئي ته هُو موجوده ادارن کي اپ گريڊ ڪندي انهن کي بهتر فيڪلٽي، جاب اوريئينٽيڊ ٽيڪنيڪل ڪورسز ۽ بهترين سهولتون مهيا ڪري. وڏي وزير لاڳاپيل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان هڪ منصوبو تيار ڪري. هن چيو ته مان سمورا ضروري فنڊ ۽ سهولتون فراهم ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته مان بهترين ٽيڪنيڪل تعليم چاهيان ٿو. وڏي وزير اسٽيوٽا انتظاميا کي هدايت ڪئي ته چائنيز لينگوئيج ڪورس به متعارف ڪرائن. هن چيو ته سي-پيڪ ۽ نان سي-پيڪ رٿائن تحت هزارين چيني صوبي ۾ سيڙپڪاري ڪندا، انڪري چيني ٻولي جي سکيا سان ملازمتن جي حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. وڏي وزير چيو ته هُو سموري صوبي ۾ ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪل سينٽرز جا دورا پڻ ڪندو.