اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ميرٽ جي ابتڙ مقرر ڪيترين ئي يونيورسٽين جي وائس چانسلرن کي استعيفائن جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ نيون سرچ ڪميٽيون ٺاهي وائس چانسلر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تعليمي نظام جو ٻيڙو ٻوڙ
و ويو آهي، اها آهي پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ يونيورسٽين مان ميرٽ جي ابتڙ مقررين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته سينئر ماڻهن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي، هائير ايجوڪيشن جو وزير ڪٿي آهي، فوري پيش ٿي. چيف جسٽس چيو ته اڍائي سالن کان پنجاب يونيورسٽي جو مستقل وي سي ڇو مقرر نه ٿيو آهي، ٻڌايو وڃي ته ڪوتاهي جو ذميوار ڪير آهي، سيڪريٽري، وزير يا وڏي وزير ڪنهن کي ذميوار قرار ڏيون. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن جي سيڪريٽري پڇاڻو ڪيو ته مستقل مقرر نه هئڻ جو مطلب آهي ته توهان نااهل آهيو، سيڪريٽري هائير ايجوڪيشن چيو ته پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ مستقل مقرري لاءِ آگسٽ تائين وقت گهربل آهي. چيف جسٽس چيو ته تنهن وقت تائين ته موجوده حڪومت نه هوندي، ايترو ڊگهو وقت ڇا لاءِ گهريو پيو وڃي. هائير ايجوڪيشن جي سيڪريٽري چيو ته درخواستن کي مرحلي مان گذرڻ لاءِ وقت گهرجي، چيف جسٽس چيو ته حڪومت جو دفاع ڪندڙ ايترو معتصب ڊي ايم جي مان نه ڏٺو آهي، 6 هفتن ۾ مستقل وي سي مقرر نه ٿيو ته توهان ذاتي طور تي ذميوار هوندا. عدالت لاهور ڪاليج فار ويمن يونيورسٽي، فاطمه جناح، راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي، فيصل آباد ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سيز کي استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته حڪومت 6 هفتن ۾ مستقل وي سيز جي مقرري يقيني بڻائي ۽ سرچ ڪميٽيون ميرٽ تي وائس چانسلر مقرر ڪن.