تعليمي ادارن مان برسات جي پاڻي کي جلد نيڪال ڪيو وڃي:ڄام مهتاب حسين ڏهر

ڪراچي) اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر ڪراچي، حيدرآباد سميت سموري صوبي جي ٻين ضلعن جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو فوري طور تي لاڳاپيل ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪن ۽ جن تعليمي ادارن ۾ حاليه شديد برسات جي نتيجي ۾ پاڻي جمع ٿيو آهي ان جي نيڪال جو فوري انتظام ڪيو وڃي ته جيئن انهن تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون شروع ڪيون وڃن. هن چيو ته حاليه تيز برساتن جي نتيجي ۾ لاڳاپيل عمارتن کي به نقصان پهچڻ جو انديشو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ضروري انتظام ڪيا پيا وڃن ۽ لاڳاپيل آفيسر ان معاملي ۾  ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪن. صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر ان کان علاوه اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊز جي پري ميڊيڪل جي ٻئي سال جي نتيجن ۾ ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪاليجن ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن جو سخت نوٽس ورتو. صوبائي وزير سيڪريٽري ڪاليجز کي چيو ته هو اهڙن تعليمي ادارن جي فهرست ٺاهن جيڪي سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا آهن ۽ لاڳاپيل تعليمي ادارن جي سربراهن کان ان ناقص ڪارڪردگي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته مناسب بجيٽ باوجود جيڪڏهن اهي ادارا بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام وڃن ته اهو افسوسناڪ عمل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *