اسلام آباد(بيورو) حڪومت سڄي ملڪ ۾ 18 جنوري کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو اعلان ڪيو.شفقت محمود چيو ته 18 جنوري کان نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ تعليمي سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو جڏهن ته پهرين درجي کان اٺين درجي تائين جون تعليمي سرگرميون پهرين فيبروري کان شروع ٿينديون.وفاقي وزير جو چوڻ وه ته هائير ايجوڪيشن ۾ تعليمي سرگرميون پهرين فيبروري کان بحال ڪيون وينديون.هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ هفتي اجلاس ۾ سموري ڊيٽا جو جائزو وٺنداسين، ڏسنداسين ته جن شهرن ۾ وائرس جو انفڪيشن ريٽ گهڻو وڌيو آهي اُتي پهرين فيبروري کان تعليمي سلسلو شورع ڪيو وڃي يا نه، ننڍيون ڪلاسون کولڻ کان اڳ شهرن ۾ انفيڪشن ريٽ ڏٺو ويندو.شفقت محمود جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ انفيڪشن ريٽ وڌيڪ آهي ته ممڪن آهي اُتي ننڍيون ڪلاسون نه کوليون وڃن ۽ جتي گهٽ ريٽ هيو اُتي کولينداسين.هن چيو ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان تعليم جو گهڻو نقصان ٿيو آهي، هن سان ڪنهن ٻار کي پرچن کان سواءِ پاس نه ڪيو ويندو.تعليم واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ماهرن ٻڌايو هو ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ سان مثبت شرح گهٽ ٿيندي، 15 سيپٽمبر کان سمورا تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ڪيو هو، اُن وقت بيماري جو ريٽ 1.9 جي لڳ ڀڳ هو.هن چيو ته 26 نومبر تي تعليمي ادارا بند ڪرڙڻ جو فيصلو ڪيو ته مثبت شرح 7.14 ٿي وئي هئي، هاڻ ڪورونا جي مثبت شرح 7.14 کان گهٽ ٿي 6.10 ٿي وئي آهي.وزيراعظم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب پيٽرول جي اگهن ۾ 3 روپيه 20 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيول جي اگهن ۾ 2 روپيه 95 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ 3 روپيه جڏهن ته لائٽ ڊيزل جي اگهن ۾ 4 روپيه 42 پئسا في ليٽر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.واضح رهي ته اوگرا طرفان موڪليل سمري ۾ پيترول 13 ۽ ڊيزل 11 روپيه في ليٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي جنهن کي وزيراعظم رد ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته قيمتن ۾ واڌ اڄ رات جو 12 وڳي کان شروع ٿي ويندي.