ڪراچي(هه آ) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر گلستان جوهر ۾ واقع هڪ خانگي اسڪول جي تقريب دوران مبينه طور تي اسڪول انتظاميه جي غفلت سبب ٻن شاگردن جي سڙڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر جنرل پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز کي هدايت ڪئي آهي ته هو خانگي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي حفاظت لاءِ اپائن کي يقيني بڻائي ۽ جيڪي تعليمي ادارا ان سلسلي ۾ لاپرواهي ڪندا انهن خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري تعليم اسڪولز مصطفيٰ جمال سيد به شرڪت ڪئي. صوبائي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر انڊومينٽ فنڊز جي سلسلي ۾ اجلاس طلب ڪن ۽ اهل ۽ ضرورت مند شاگردن کي فنڊز جاري ڪيا وڃن ته جيئن هو پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته انڊومينٽ فنڊ جو اجرا صوبي جي مستحق ۽ اهل شاگردن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ معاونت حاصل ڪرڻ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان جي فراهمي تعليم کاتي جو هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته موجوده صورتحال ان ڳالهه جي متقاضي آهي ته تعليمي ادارن ۾ هر قسم جا حفاظتي اپاءُ ڪيا وڃن ۽ شاگردن جي تعليم سان گڏوگڏ انهن جي حفاظت جي ذميواري پوري ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ اسڪول انتظاميه ۽ والدين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.