ترقي ماڻيندڙ 18 ايڪسائيز انسپيڪٽرن کي مقرر ڪيو ويو آهي: مڪيش ڪمار چاولا

February 8, 2017 at 10:49 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(هه آ)  ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي خاص هدايتن تي ايڪسائيز ڪانسٽيپلز جي اڳئين گريڊ ۾ ترقي لاءِ محڪمه جاتي ترقي ڪميٽي جو اجلاس منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهل ايڪسائيز ڪانسٽيبلز کي ترقي ڏئي اڳئين گريڊ ۾ ايڪسائيز دفعه دار مقرر ڪيو ويندو ۽ مرحوم ملازمن جي ڪوٽا تي مقرري لاءِ به غور ڪيو ويندو. صوبائي وزير جي هدايت تي سيڪريٽري ايڪسائيز عبدالحليم شيخ ترقي حاصل ڪندڙ 18 انسپيڪٽرن کي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. انهن انسپيڪٽرن ۾ 4 کي ڪراچي، 5 کي حيدرآباد، 4 کي سکر ۽ 5 کي لاڙڪاڻو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ترقي جي انتظار ۾ ويٺل اهل عملي کي فوري طور تي ترقي ڏني وڃي ته جيئن خالي جاين تي جلد کان جلد اهل ماڻهن کي نوڪرين جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته کاتي مان سفارش ڪلچر جو خاتمو ڪيو ويو آهي ۽ صرف محنتي ۽ اهل آفيسرن ۽ عملي جي کاتي ۾ گنجائش آهي.

اي پيپر