اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم عمران خان اينڪر پرسن سميع ابراهيم کي وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان چماٽ هڻڻ جو نوٽيس ورتو آهي ۽ چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ ڪنهن به قسم جي تشدد ۽ عدم برداشت جي گنجائش ناهي، ڪنهن به وفاقي وزير مان اهڙي رويي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي.بني گالا ۾ اعليٰ سطحي اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وفاقي وزير فواد چوڌري کي برداشت ڪرڻ گهرجي ها. سندس چوڻ هو ته ڪنهن به ميڊيا پرسن خلاف اهڙي حرڪت کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ کي هدايت ڪئي ته معاملي جي رپورٽ تيار ڪري موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي.