پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پيغام اماڻيو ته انڪار نه ڪنداسين : راڻا ثناءُ الله

December 13, 2024 at 2:17 pm

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪميٽي جوڙي آهي پر ڳالهين لاءِ پيغام ناهي اماڻيو، پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پيغام اماڻيو ته سندن طرفان انڪار نه هوندو.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فائنل ڪال کان پهريان تحريڪ انصاف سان رابطو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي ڳالهه نه ٿي هئي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارا 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڇو نٿا ڪن، ڇو نٿا چون ته غلطي ٿي آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته مدرسن جي رجسٽريشن جو معاملو ويهي حل ڪري سگهجي ٿو، مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي ڪابه ڊيڊ لاڪ جي ڳالهه نظر نٿي اچي، سوسائٽي ايڪٽ يا وزارت تعليم سان رجسٽرڊ ٿيڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو.

اي پيپر