تحريڪ انصاف کي هر سٺي ڪم ۾ سپورٽ ڪنداسين: خورشيد شاهه

اوڪاڙا (م ڊ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان چاهيندي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم نٿو ڪري سگهي، هر سٺي ڪم ۾ تحريڪ انصاف کي سپورٽ ڪنداسين. خورشيد شاهه پارٽي ڳواڻ سجاد الحسن جي گهر پهچي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدارتي چونڊ ۾ اعتزاز احسن جي حوالي سان آخري وقت تائين ڪوشش ڪنداسين، اعتزاز احسن لاءِ صدارتي چونڊ جي حوالي سان ڀرپور مهم جاري آهي. هن اميد جو اظهار ڪيو ته اعتزاز احسن جي حق ۾ مولانا فضل الرحمان هٿ کڻي ويندو. سندس چوڻ هو ته ننڍي چونڊ لاءِ صلاح مشوري کانپوءِ سمورن تڪن تي اميدوار بيهارينداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *