تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي؛ شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، احتجاج بهاني نو مئي کي ٻيهر ورجائڻ جي اجازت نه ڏيندا، سوشل ميڊيا برگيڊ بداخلاقي جي طوفان ۽ گارگند تي لهي آئي آهي، ڇا پي ٽي آءِ باني اڳوڻي آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ جي آڇ نه ڪئي؟  خواجه آصف سان لنڊن ۾ پيش آيل واقعو مذمت جوڳو آهي، سياسي اڳواڻن سان پرڏيهه ۾ بداخلاقي جا واقعا برداشت جوڳا نه آهن.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهيا آهن، سڄي ملڪ جي سياست گدلاڻ جو شڪار آهي.

سندس چوڻ هو ته هو 9 مئي جهڙا واقعا ڪرڻ نه ڏيندا، هي اها ئي تحريڪ انصاف هئي جنهن نعرو لڳايو ته هو غلام ناهن، هن وقت اڌ پي ٽي آءِ آمريڪا پهتل آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف وارا چاهن ٿا ڪهڙي به طرح پي ٽي آءِ باني کي رليف ملي وڃي، ڪوبه ملڪ پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ دفعو ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، احتجاج بهاني نو مئي کي ٻيهر ورجائڻ جي اجازت نه ڏيندا.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سوشل ميڊيا برگيڊ بداخلاقي جي طوفان ۽ گارگند تي لهي آئي آهي، ڇا پي ٽي آءِ باني اڳوڻي آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ جي آڇ نه ڪئي؟.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف عوام جي پيسن سان ملڪ ۾ ڪجهه لنگر خانه کوليا، ڪوڙو شخص عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، خواجه آصف سان لنڊن ۾ پيش آيل واقعو مذمت جوڳو آهي، سياسي اڳواڻن سان پرڏيهه ۾ بداخلاقي جا واقعا برداشت جوڳا نه آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *