لاهور: (م ڊ) تحريڪ انصاف مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز کي پارٽي نائب صدر بڻائڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز کي مسلم ليگ ن جو نائب صدر بڻائڻ تي تحريڪ انصاف جي قيادت شديد اعتراض ڪيو آهي ۽ فيصلي کي پٽيشن ذريعي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي به مريم نواز کي پارٽي جو عهدو ملڻ جي معاملي کي هر سطح تي اٿارڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته مريم نواز کي مسلم ليگ ن جو نائب صدر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو، عدالت مان سزا مليل جوابدار کي پارٽي جو عهدو نه ٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته مريم نواز به سزا يافتا آهي کيس پارٽي جو عهدو نه ٿو ڏئي سگهجي، مريم نواز کي ريفرنس ڪيس ۾ سزا معطلي جو عارضي رليف مليو آهي، سزا ختم نه ٿي آهي. شاهه محمود قريشي مريم نواز جي پارٽي عهدي جي معاملي تي پارٽي اڳواڻن ۽ وڪيلن سان مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.