اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف پارٽي چيئرمين عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ جي رٿ سينئر وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي پيش ڪئي. پارلياماني پارٽي اتفاق راءِ سان عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جنهن تبديلي لاءِ 22 سال جدوجهد ڪئي اها اچي چڪي آهي. هن چيو ته مان وزيراعظم نامزد ڪرڻ تي پارٽيءَ جو ٿورائتو آهيان. ٻئي طرف پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمد جي موقعي تي وزيراعظم جو پروٽوڪول ملڻ تي عمران خان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عمران خان اضافي پروٽوڪول ملڻ تي نعيم الحق کي گهرائي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سڪيورٽي اختيارين بنا اجازت روٽ ڇو لڳايو آهي. هن چيو ته مان پروٽوڪول وٺڻ چاهيان ٿو ۽ نه وري روٽ لڳائڻ چاهيان ٿو. عمران خان هدايت ڪئي ته اضافي پروٽوڪول جلد ختم ڪيو وڃي.