ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته اسان وٽ تحريڪ سان معاهدي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، ڇو ته عوام ن ليگ ۽ پ پ کي آزمائي چڪو آهي. ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي مرڪز آهي، جيڪو صوبائي آمدني ۾ 95 سيڪڙو ۽ ملڪي آمدني ۾ 65 سيڪڙو جو حصيدار آهي، ٻن وڏين سياسي پارٽين جون حڪومتون ان شهر جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. سندس چوڻ هو ته شهر جا مسئلا سياسي نه پر انساني آهن، ڪنهن پارٽي يا اداري شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ڪراچي جا مسئلا سياست کان الڳ آهن، سڀني سياسي جماعتن ۽ تنظيمن کي مسئلن بابت سوچڻو پوندو.