اسلام آباد (بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت پاڪستان کي فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي گري لسٽ مان بليڪ لسٽ ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو.ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت کان اڳ ئي پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو ۽ مان سمجهان ٿو ته اهو فيصلو اوچتو نه ٿيو پر اهو ڊگهي ڪوتاهين جو داستان آهي، جنهن سبب پاڪستان کي ان فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.هن چيو مون کي يقين آهي ته اپوزيشن ميمبرن سميت اسان سڀ چاهيون ٿا ته گري لسٽ جي لڙڪيل تلوار مان آزادي حاصل ڪيون، ڀارت جي هڪ پاليسي واضح آهي ته پاڪستان کي گري لسٽ مان بليڪ لسٽ ڏانهن ڌڪجي، ڀارت هر فورم تي پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ اسان گري لسٽ مان نڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون.سندس چوڻ هو اسان جي ڪوشش آهي ته اپوزيشن سان ڳالهيون ڪيون، اسان انهن جي مدد جا طلبگار آهيون، ڇو ته حڪومتون اينديون وينديون رهن ٿيون پر پاڪستان جا مفاد عزيز آهن، اسان اڄ هتي آهيون سڀاڻي نه هونداسين.