تحريڪ انصاف جو عارف علوي ملڪ جو 13هون صدر چونڊجي ويو

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جو ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جو 13 هون صدر چونڊجي ويو. صدر جي لاءِ تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر عارف علوي، پيپلز پارٽي جي اعتزاز احسن ۽ 4 مخالف ڌر پارٽين مسلم ليگ ن، عوامي نيشنل پارٽي، متحده مجلس عمل ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي گڏيل اميدوار مولانا فضل الرحمان جي وچ ۾ مقابلو هو. صدارتي چونڊ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ صبح 10 وڳي پولنگ شروع ٿي جيڪا بنا وقفي جي شام 4 وڳي تائين جاري رهي. پارليامينٽ ۾ پولنگ دوران 432 مان 424 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا ۽ 6 ووٽ رد ۽ ٻن اسيمبلي ميمبرن پنهنجو حق استعمال نه ڪيو، عارف علوي 212، مولانا فضل الرحمان 131 ۽ اعتزاز احسن 81 ووٽ حاصل ڪيا. پنجاب اسيمبلي ۾ 354 مان 351 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ 163 مان 158 ووٽ ڪاسٽ ٿيا. اهڙي ريت بلوچستان اسيمبلي ۾ 61 مان 60 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيا ۽ هڪ ميمبر نواب ثناءُ الله زهري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو جڏهن ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي 112 مان 111 ميمبرن ووٽ وڌا، اسمبلي جي آزاد ميمبر امجد آفريدي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *