تحريڪ انصاف بيٽ جي نشان تي چونڊ وڙهي سگهي ٿي: اليڪشن ڪميشن

June 14, 2017 at 11:17 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) اثاثن ۽ رهتن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ وزير اعظم نواز شريف کي ڪلين چٽ ڏيندڙ اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف کي به چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف بيٽ جي نشان تي اليڪشن وڙهي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن چونڊ نشان جي معاملي تي درخواست جي ٻڌڻي کان پوءِ پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بحال ڪندي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جو نشان بحال ڪندي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. پارٽي نشان انٽرا پارٽي اليڪشن جي تفصيل ڪرائڻ تي بحال ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن واضع طور تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تحريڪ انصاف بيٽ جي نشان تي چونڊ وڙهي سگهي ٿي.

اي پيپر