تحريڪ انصاف باني کي ڪيسن جي ڪابه پرواهه ناهي، هو فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت آيا هئا : بئريسٽر گوهر

تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو نه اچڻ ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي، پي ٽي آءِ باني القادر يونيورسٽي جو مالڪ نه پر رڳو ٽرسٽي آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس سياسي طور تي ٺاهيو ويو آهي، ساڻن ناانصافي ٿي رهي آهي، تحريڪ انصاف باني تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ بشريٰ بي بي جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو.

اڊيالا جيل ٻاهران تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته کين ڀيت تي لکيل نظر اچي رهيو آهي ته سندن خلاف انصاف نه ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ساڻن انصاف ٿئي ها ته تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف القادر ٽرسٽ جو فيصلو گهڻو اڳ اچي چڪو هجي ها.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف باني کي ڪيسن جي ڪابه پرواهه ناهي، هو فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت آيا هئا، باني کي جيل کان عدالت آڻڻ جيل انتظاميا جو ڪم هو، اعليٰ عدليا مان اميد آهي، هو اعليٰ عدالت ۾ ويندا، جهڙي طرح ٻيا ڪيس ختم ٿيا هي به ختم ٿي ويندو.

تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته ڳالهين وارو عمل جاري آهي، ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ڳالهين جو ٽيون اجلاس 15 جنوري تي ٿيندو، هو ڊيل نه ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انصاف لاءِ ڳالهين ڪن پيا.

سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۽ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو پاڻ ۾ ڪوبه تعلق ناهي، تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڊيل ٿي رهي آهي، سندن ڪابه ڊيل نه ٿي رهي آهي.

تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي جو حڪومت سان ڳالهين جو ڪوبه تعلق ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *