خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني کي اين آر او نه ملندو، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو عدليه ڪندي، ڳالهين ذريعي ئي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو، ڪرم ۽ پارا چنار معاملي تي جرڳو گهرايو پر پي ٽي آءِ شرڪت ئي نه ڪئي.
پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي صوبي جون امن امان بابت حالتون بهتر ناهن، ڪرم ۽ پارا چنار جي صورتحال بابت جرڳو گهرايو ويو پر تحريڪ انصاف شرڪت نه ڪئي.
سندس چوڻ هو ته ڪي پي جو وڏو وزير صوبي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري، اسلام آباد تي چڙهائي، ڌرڻي ۽ احتجاج سان حالتون ٺيڪ نه ٿينديون.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ناظمن ۽ مڪاني نمائندن جي مسئلن جي حل لاءِ جلد ڪنوينشن ڪوٺايو ويندو، ڳالهين سان ئي مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو.
هن چيو ته ڳالهيون رڳو سنجيده ۽ سياسي بصيرت رکندڙن سان ئي ڪري سگهجن ٿيون، پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف باني کي اين آر او نه ملندو، پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو عدليه ڪندي.