ممبئي (اين اين آءِ) بالي ووڊ اداڪاره تبو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪاميڊي اداڪاري سان ڏسندڙن کي کلائڻ لاءِ تيار آهي ڀارتي ميڊيا موجب هو هدايتڪار روهت سيٽي جي ڪامياب فلم سيريز گول مال پارٽ چوٿين ۾ اداڪاره اجي ديوگن، پرينتي چوپڙا ۽ ارشد وارثي سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندي. تبو جي آخري ڪاميڊي فلم هيراڦيري 17 سال اڳ 2000 ۾ رليز ٿي هئي ان ڊگهي عرصي ۾ ڪنهن ڪاميڊي ڪردار ۾ حصو نه وٺڻ جي سوال تي تبو چيو ته مان اهو ڪردار ادا ڪندي آهيان جيڪو مون کي متاثر ڪندو آهي منهنجي ڪا خاص ترجيحي نه آهي ماڻهو هميشه پاڻ کي ان ڪردار ۾ چونڊ ڪري جنهن ۾ هو سٺو لڳي مون کي خوشي آهي ته ڪجهه ڪردارن سان منهن کي ملايو وڃي ٿو جڏهن ته اها به بهترين ڳالهه آهي ته روحت سيٽي جي هدايتڪار مون کي گل مال فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو.