لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته تبديلي ۽ نئين پاڪستان جي دعويدارن جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سياسي ڊرامي بازن پنجن سالن ۾ عوام جي خدمت بدران ترقي جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون آهن. هن چيو ته تبديلي ۽ نئون پاڪستان ٺاهڻ جي دعويدارن جي ڪارڪردگي سڀني سامهون آهي، سنڌ ۽ ڪي پي ۾ ڪو به ذڪر جوڳو منصوبو شروع نه ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام جي دلين ۾ وسي ٿي، خدمت ۽ ترقياتي منصوبن سبب ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ويندي.