ڪراچي( م ڊ ) پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊئي چيو آهي ته تبديلي جي نالي تي قوم سان تاريخي دوکيبازي شروع ٿي چڪي آهي، وفاق ۾سوديبازي ۽ پنجاب ۾ پرچي سرڪار کي تبديلي جو نالو ڏنو پيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊئي چيو ته پنجاب ۾ وڏو وزير ۽ اسپيڪر پرچي تي آيا آهن، جڏهن ته عمران خان کي سوديبازي سان وزيراعظم بڻايو ويو آهي، قوم باشعور ٿي چڪي آهي، تبديلي جي نالي تي تماشو ڏسي رهي آهي، بغاوت ڪيس ۾ مشرف جي وڪيل کي قانون وارو وزير بڻايو ويو آهي. هن چيو ته تبديلي جي نالي تي قوم سان تاريخي دوکيبازي شروع ٿي چڪي آهي.