اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته انتهاپسنداڻي نظرين ۽ دهشتگرديءَ انساني کي تمام گھڻا ڏُک ڏنا آهن،اسلام آمن ۽ فلاح انسانيت جو ضامن آهي، چار سده ڌماڪي بعد پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي ته تشدد ڪندڙ انسانيت جي نرڙ تي ڪارنهن جو ٽِڪو آهن، تازين حالتن کي نظر ۾ رکندي تعليمي نصاب تي نظرثانيءَ جي ضرورت آهي، مسلمان امت جو فڪري اساس کي نون تقاضائن سان سينگاريو ويندو، ممنون حسين چيو ته شاگرد پنهنجي طرز عمل سان اسلامي ورثي ۽ ثقافت جا سفير بڻجي وڃن، يونيورسٽين جي انتظاميا اتي غير اخلاقي سرگرمين تي نظر رکي، اخلاقي قدر مضبوط بڻائي بدعنوانيءَ جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو، قومي تقاضائن موجب نئون تعليمي نصاب جلد متعارف ڪرايو ويندو، سي پيڪ معمولي منصوبو نه آهي، هي هِن صديءَ جوعجوبو آهي، چيني صدر جو هڪ خ ط هڪ روڊ جي تصور جي تاريخ جو عظيم منصوبو آهي.36