بچاءَ واري وزير خواجا آصف افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير جا الزام رد ڪري ڇڏيا

بچاءَ واري وزير خواجا آصف افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير جا الزام رد ڪري ڇڏيا، سندس چوڻ آهي ته الزام بي بنياد، هٿ ٺوڪيا ۽ پاڪستان تي ڍير اڇلائڻ جي ڪوشش آهي، افغانستان 2024ع ۾ داعش جي ڀرتين ۽ مددگاري جو مرڪز رهيو، افغانستان ۾ دهشتگرد ٽولن بابت يو اين مانيٽرنگ رپورٽ موجود آهي، افغانستان ٽي ٽي پي، القاعده ۽ داعش سميت ڪيترائي دهشتگرد ٽولا آپريٽ ڪري رهيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير جا الزام بي بنياد، هٿ ٺوڪيا ۽ پاڪستان تي ڍير اڇلائڻ جي ڪوشش آهي.

سندن چوڻ هو ته افغانستان 2024ع ۾ داعش جي ڀرتين ۽ مددگاري جو مرڪز رهيو، افغانستان ۾ دهشتگرد ٽولن بابت يو اين مانيٽرنگ رپورٽ موجود آهي.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته افغانستان ٽي ٽي پي، القاعده ۽ داعش سميت ڪيترائي دهشتگرد ٽولا آپريٽ ڪري رهيو آهي.

خواجا آصف چيو ته افغان عبوري حڪومت دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي کي ختم ڪري، افغان ڌرتي ٻين ملڪن خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *