بي جي پي اڳواڻ مودي سرڪار جي منصوباندي وائکي ڪري ڇڏي

نئين دهلي ( م ڊ ) ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي اڳواڻ بي ايس ياديوراپا چيو آهي ته ڀارت طرفان پاڪستان ۾ وائي ڪارروائي تي اسان جي پارٽي کي چونڊن ۾ لوڪ سڀا جون 22 کان 28 سيٽون ملي وينديون.  ڪرناٽڪا رياست جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ بي جي پي يونٽ چيف بي ايس ياديوراپا پنهنجي پارٽي لاءِ چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. نئين دهلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بي جي پي اڳواڻ چيو ته پلواما حملي بعد ڀارت طرفان پاڪستاني حدن ۾ ڪارروائي تي نوجوانن جشن ڪيو، جنهن بعد چونڊن ۾ اسان لاءِ ڪرناٽڪا ۾ لوڪ سڀا جون 22 کان وڌيڪ سيٽون کٽڻ آسان ٿي ويو آهي. ٻئي طرف ڀارت جي مخالف ڌر جي پارٽي ڪانگريس بي جي پي اڳواڻ جي بيان جي تنقيد ڪندي چيو ته بي جي پي اڳواڻ جو بيان شرم جوڳو ۽ غير ذميواراڻو آهي، والاريل ڪشمير ۾ موجوده صورتحال سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وئي آهي.  هن چيو ته بي جي پي کي ملڪي سڪيورٽي نه پر چونڊن ۾ ڪاميابي جي ڳڻتي آهي، اهو ئي سندن سياست جو معيار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *