بي آءِ ايس پي مان 8 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍيو ويندو:ڊاڪٽر ثانيا نشتر

اسلام آباد (بيورو)) احساس پروگرام بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو آهي ته حڪومت طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک ماڻهن کي ڪڍڻ جو فيصلو گڏيل پاليسي تحت ڪيو ويو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو ته بي آءِ ايس پي مان 8 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍيو ويندو، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پروگرام سرڪاري ملازمن لاءِ ناهي.هن چيو ته پروگرام جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، ضرورتمندن لاءِ نادرا ذريعي طريقي ڪار ٺاهيو ويو آهي، حقدارن تائين انهن جو حق پهچائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.سندس چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غريبن لاءِ آندو ويو هو، 10سال اڳ هڪ سروي تحت ضرورتمندن کي شامل ڪيو ويو، هاڻي ضرورتمندن لاءِ نادرا ذريعي طريقي ڪار ٺاهيو ويو آهي.ثانيا نشتر موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وقت سان گڏ بهتري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جن کي ڪڍيو ويو، انهن جي جاءِ تي حقدار ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته پروگرام سرڪاري ملازمن لاءِ ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *