اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به عمران خان کي رد ڪري چڪا آهن، هاڻي عمران خان جي کٽاڻ وڪرو نه ٿيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف پنجن سالن دوران ڪهڙو ڪم ڪيو، عمران خان سان اهو ئي ٿي رهيو آهي جيڪو هن پنهنجي ڪارڪنن کي سيکاريو آهي. هن چيو ته ڪارڪن ڏنڊا کڻي پنهنجي ليڊر کي ڳولي رهيا آهن، ٽڪيٽن جي غلط ورڇ ڪندڙ منهن لڪائي رهيا آهن، عمران خان پنجن سالن دوران هن کي ڪڍيو هن کي هٽايو کانسواءِ ڪهڙو ڪم ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جو چونڊ مهم ۾ ڪوڙن سان مقابلو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ ن پنهنجي منشور جو اعلان ڪندي، نيب ۾ طلبي رڳو مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي ٿي رهي آهي، جنهن جي اڳيان به شريف لڳي نيب تنهن کي طلب ڪري رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪرپشن جو ڪو ثبوت آهي ته سامهون آندو وڃي، عوام جي خدمت ڪندڙن خلاف سازش ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته 3 دفعا چونڊيل وزيراعظم 100 کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳيون آهن، جڏهن ته ڪنهن جي بيماري کي سياسي رنگ ڏيڻ ٺيڪ ناهي. مريم اورنگزيب چيو ته زعيم قادري آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ بابت پاڻ ٻڌائيندو. هن چيو ته ڇا اي سي ايل ۾ چئن پنجن ماڻهن جا نالا وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، نيب ۾ ريفرنسز باوجود اي سي ايل ۾ نالو هئڻ باوجود ماڻهو ڀڄي وڃن ٿا، نگران گهرو وزير ذلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو واضح جواب ڏي. سندس چوڻ هو ته اعتزاز احسن جو بيگم ڪلثوم نواز بابت بيان افسوس جوڳو آهي.