بيورو ڪريسي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي قانوني فرض ادا ڪري ؛ چيئرمين نيب

لاهور: م ڊ)  قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال پنجاب جي اعليٰ آفيسرن کي اعتماد ۾ وٺندي چيو آهي ته بيورو ڪريسي بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي قانون تحت فرض ادا ڪري. اڳتي ڪنهن به گرفتار آفيسر کي هٿڪڙي نه لڳائي ويندي.سول سيڪريٽريٽ پنجاب جي اعليٰ آفيسرن کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين چيو ته بيورو ڪريسي ملڪ جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، جيڪڏهن اها فيصلا نه ڪندي ته اسان اڳتي ڪيئن وڌي سگهنداسين، حڪومت پاليسي ٺاهيندي آهي ۽ عمل بيورو ڪريسي ڪندي آهي.  هن چيو ته گذريل سال پنجاب ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس سامهون آيا ۽ جن ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي تن خلاف مضبوط شاهديون موجود آهن، شاهدين سان ثابت ڪندس ته جيڪو ڪجهه نيب ڪري رهي آهي اهو درست آهي. سندس چوڻ هو ته ڪامورا شاهي مڪمل ذميواري ۽ اعتماد سان فرض انجام ڏي ۽ ڏسي ته ڪم ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار آهي يا نه آهي، بيورو ڪريسي ڏسي ته مقرري جو مدو ۽ مقرريون ۽ بدليون ميرٽ تي ٿي رهيون آهن يا نه ؟  نيب چيئرمين چيو ته گريڊ 19 ۽ ان کان مٿي جي آفيسر کي نيب چيئرمين جي اجازت کانسواءِ گرفتار نه ڪري سگهبو.جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو ته ميگا ڪرپشن جي ڪيسن کي آخري انجام تائين پهچائڻ سڀني جي اولين ترجيح آهي ۽ نيب ملڪ مان بدعنواني ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قانون موجب ڪارروايون ڪري رهيو آهي ۽ نيب آفيسر قومي فرض سمجهي پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *