لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ جي اڳوڻي چيئرمين بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ بري ٿيل جوابدارن جي نظربندي ۾ وڌيڪ ٻن مهينن جي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالسميع خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ريويو بورڊ پنجاب حڪومت طرفان جوابدارن جي نظر بندي ۾ واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ آندو ويو ۽ کين ريويو بورڊ جي سامهون پيش ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رويو بورڊ بينظير ڀٽو قتل ۾ بري ٿيل پنجن جوابدارن جي نظر بندي ۾ وڌيڪ ٻن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.