بينظير ڀٽو قتل ڪيس، مشرف اشتهاري قرار، 2 ڏوهارين کي 17 سال قيد جي سزا

راولپنڊي:(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۹ سالن کانپوءِ بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، فيصلي ۾ راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي صدر (ر) پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي ان جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت جي فيصلي ۾ ۵ گرفتار ڏوهارين کي بري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي سي پي او سعود عزيز کي مجموعي طور تي ۱۷ سال ۽ اڳوڻي ايس پي خرم شهزاد کي مجموعي طور تي ۱۷ سال قيد جي سزا ٻڌائي، بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ۳۰۰ کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، جنهن دوران دهشتگردي ٽوڙ عدالت جا ٦ ججز تبديل ٿيا، ۱۴۱ مان ٦۷ گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ٻين گواهن کي غيرضروري قرار ڏئي رد ڪيو ويو، ڪيس جا ۷ چالان جمع ڪرايا ويا، ۲۹ فيبروري ۲۰۰۸ع ۾ ڪيس جو ٽرائل شروع ٿيو، جڏهن ته ۲۰ آگسٽ تي ڪيس جو نئين سر ٽرائل شروع ٿيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *