بينظير ڀٽو شهيد عوام جي ڏک سک لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪيو: سيد ناصر شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه عظيم عالمي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پاڪستان جي وزيراعظم شهيد محترما بينظير ڀٽو جي 64 هين سالگره جي موقعي تي غريب عوام زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ان جي خدمتن ۽ جان جي قرباني تي ان کي زبردست ڀيٽآ پيش ڪندي چيو ته محترما بينظير ڀٽو شهيد عوام جي ڏک سک جي لاِءِ پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪيو، ان جي سالگره تي اسان هاڻي نه صرف لفظن سان پر ان جي ڏنل سبق تي عمل ڪري پاڪستان ۽ سنڌ جي غريب عوام خاص طور تي عورتن جي زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ لاءِ ٺوس ۽ عملي قدم کڻندي سنڌ جي سترنهن لک حقدار گھراڻن جي غريب عورتن کي رمضان پيڪيج جي تحت سال 2017-18 سنڌ بجيٽ ۾ منظور ٿيل 3 ارب 40 ڪروڙ پيڪيج ڏيڻ جو عملي قدم کينو آهي، سيد ناصر حسين چيو ته سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ته وفاق وانگر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفو حاصل ڪندڙ 17 لک حقدار گھراڻن جي رمضان پيڪيج تحت في ماڻهون 2 هزار روپيا ادا ڪندي. ان سلسلي ۾ حقدار ماڻهن جي ڀيٽآ جي روشنيءَ ۾ اها رقم ان جي تصديق ٿيل شناختي ڪارڊ جي ذريعي ايزي پيسا، موبي ڪيش ۽ وڌيڪ ذريعن کان منتقل ڪئي ويندي. سيد ناصر شاهه چيو ته ان مقصد لاءِ محترما بينظير ڀٽو جي سالگرا جي ڏينهن موزون موقعو آهي. جنهن جي ڪري 21 جون تي هن جي 64 هين سالگره جي موقعي نئون ديرو لاڙڪاڻو مان ان ٺس ۽ عملي قدم جي شروعات ڪئي پئي وڃي ۽ اهو سڄو عمل عيد کان اڳ حقدارن ۾ منتقل هجڻ لاءِ مشهوري مهم به هلائي ويندي ته جيئن واسطيدار حقدار ان سرگرميءَ مان فائدو وٺي سگھن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *