راولپنڊي( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پوليس آفيسرن جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي سندن سزائن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس طارق عباسي ۽ جسٽس حبيب الله عامر تي ٻڌل لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻن پوليس آفيسرن جو موقف هو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت سندس طرفان پيش ڪيل شاهدين کي نظرانداز ڪيو، عدالت طرفان ٻڌايل سزا غير قانوني آهي تنهن ڪري سزائون کي رد ڪري کين بري ڪيو وڃي. عدالت سعود عزيز ۽ خرم شهزادي جي نظرثاني جي درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ٻنهي پوليس آفيسرن جي سزائن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.