پنوعاقل ( رپورٽر ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امدادي رقم ۾ غريب مستحق عورتن جا ڄُٺ، 300 کان 500 روپيا ڪٽوتي، دوڪاندارن جا ٺٺ، مستحق عورتن جو ميڊيا سامهون سخت احتجاج، رپورٽ موجب، پنوعاقل ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران آيل غريب مسحقين، بيواهن عورتن جي امدادي رقم ۾ دوڪاندار 300 کان 500 روپيا في ماڻهو کان ڪٽوتي ڪري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا آهن، مسحقين عورتن مائي الله بچائي، مسمات نظيران، بيواهه حضوران خاتون، مائي رب ڏني ۽ ٻين ميڊيا سامهون سخت احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت پاران صرف 34 روپيا ڪٽوتي ڪرڻ جي اجازت آهي پر هتي دوڪاندار الله وسايو سومرو، امداد چنو، ياسر پنجابي پنهنجي من ماني ڪري مستحقين عورتن کي ٻنهين هٿن سان لُٽي ڦري رهيا آهن، دوڪاندارن مستحقين عورتن جي رقم کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ويٺل آهن جيڪو رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ ڏي ٿو ته ان کي رقم ڏين ٿا ۽ جيڪي رقم مان ڪٽوتي جو پڇي ٿو ته ان کي دڙڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏين ٿا ۽ رقم به نه ٿا ڏين، هنن بينطير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين ماروي ميمڻ، وزير اعليٰ سنڌ، ڊاريڪٽر سکر، ڪمشنر سکر ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي دوڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي پوري رقم ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.