راولپنڊي:(م د) پاڪ فوج موجب خيبرپختونخواهه صوبي جي علائقي اتر وزيرستان ۾ بويا سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي هڪ گروهه محسن داوڙ ۽ علي وزير جي قيادت ۾ فورسز سان جهڙپون، جنهن جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جي جاري بيان موجب خرقمر چيڪ پوسٽ تي حملي جو مقصد گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل مبينا دهشتگردن جي سهولتڪارن کي ڇڏائڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻو هو. بيان ۾ چيو ويو ته چيڪ پوسٽ ۾ موجود اهلڪارن تي سڌي سنئين فائرنگ ڪئي وئي جنهن تي اهلڪارن تحفظ لاءِ جواب ڏنو.پاڪ فوج موجب چيڪ پوسٽ تي سڌو سنئون فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿيا جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا.بيان ۾ چيو ويو ته سمورن زخمين جو آرمي جي اسپتال ۾ علاج جاري آهي. پاڪ فوج ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ علي وزير سميت 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته محسن جاويد داوڙ رش جي آڙ ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.