بهاول نگر (م ڊ) بهاول نگر ۾ پ پ جي ريلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پ پ ڏکڻ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري شوڪت بسرا سميت ۳ ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته شوڪت بسرا جو سيڪريٽري مارجي ويو آهي. پيپلز پارٽي جي احتجاجي ڌرڻي تي سياسي مخالف طرفان پيپلز پارٽي جي ڪيمپ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پ پ اڳواڻ شوڪت بسرا زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس سيڪريٽري مارجي ويو. شوڪت بسرا مسلم ليگ ن جي ايم اين اي اعجاز الحق ۽ ايم پي اي غلام مرتضيٰ خلاف گذريل ڏينهن ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو. ڌرڻو مختلف ماڻهن جي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ تي هنيو ويو. شوڪت بسرا پنهنجي اعلان موجب اڄ ڌماڪا چوڪ پهتو ۽ ڪارڪنن سان گڏ ڌرڻو هنيو ته مخالفن ڌرڻي لاءِ لڳايل ڪيمپ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شوڪت بسرا زخمي ۽ سندس سيڪريٽري امتياز مارجي ويو. اڳوڻي صدر ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي ذميوارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته خورشيد احمد شاهه، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، قمرالزمان ۽ ٻين اڳواڻن پاران پ پ ڏکڻ پنجاب جي جنرل سيڪريٽري شوڪت بسرا تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.