ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته مون بهادر آباد وارن کان درخواست ڪئي آهي ته مون کي اليڪشن وڙهڻ کان فارغ ڪيو، مون چيو ته اليڪشن نٿو وڙهڻ چاهيان، منهنجي درخواست تي شام تائين فيصلو ڪرڻو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار چيو ته هڪ ئي ايم ڪيو ايم پاڪستان آهي، جنهن جو نشان پتنگ آهي، آئون اڻ سلهاڙيل ۽ بنا ڪنهن مفاد جي بهادر آباد ويس ۽ اتي شاندار استقبال ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪارڪنن کي وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ميلاپ ۾ رنڊڪون آيون ۽ اينديون، جن کي اسان کي ختم ڪرڻو آهي، اسان جي عوام ۾ پذيرائي آهي، مخالف ميلاپ خلاف سازشون ۽ رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، ميلاپ ۾ بهادر آباد وارن جو ساٿ گهرجي، مخالف سمجهندا هئا ته اسان جي الڳ ٿيڻ سان ووٽ بينڪ حلوي جيان ملي ويندو پر اسان جي هڪ ٿيڻ سان مخالفن جي اميدن تي پاڻي ڦيرجي ويو. فاروق ستار جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون بهادر اباد وارن کي درخواست ڪئي آهي ته مون کي اليڪشن وڙهڻ کان فارغ ڪيو، مون چيو ته اليڪشن نٿو وڙهڻ چاهيان، منهنجي درخواست آهي ته شام تائين فيصلو ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ ڪنهن قسم جي رنڊڪ جي خاتمي جي لاءِ گڏيل ڪميٽي بڻائي وئي آهي جيڪا ڪنهن بدگماني يا رنڊڪ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندي.