بنگلاديش جي اسٽار ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بنگلاديش جي اسٽار ڪرڪيٽر ۽ اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تميم اقبال ٻيو ڀيرو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، ان کان اڳ، جولاءِ 2023 ۾ هن پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ۽ 24 ڪلاڪن بعد فيصلو واپس ورتو.

تميم اقبال جمعي تي سوشل ميڊيا تي پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

کاٻي هٿ جي ڪرڪيٽر تميم اقبال پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو ڪافي عرصي کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان پري هو ۽ هاڻي سندس انٽرنيشنل ڪيريئر جي پڄاڻي آهي، هو ڪيتري ئي عرصي کان ان بابت سوچي رهيو هو.

تميم اقبال جو چوڻ هو ته چيمپئنز ٽرافي جهڙو وڏو ايونٽ اچي رهيو آهي ۽ هو پاڻ کي ڪنهن بحث ۾ نه ٿو وجهڻ چاهي ۽ هن پاڻ کي بي سي بي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان ڪافي عرصو اڳ الڳ ڪري ڇڏيو هو.

هن چيو ته رٽائر ٿيڻ يا کيڏڻ جو فيصلو ڪنهن ايٿليٽ يا ڪرڪيٽر جو ذاتي فيصلو هوندو آهي، ڪپتان ناظم الحسين شنٽو ۽ سليڪشن ڪميٽي به کانئس واپسي بابت پڇيو، پر هو اڳ ئي پنهنجو فيصلو ڪري چڪو هو، هو انهن سڀني جو ٿورائتو آهي، جن کيس اهم سمجهيو.

واضح رهي ته تميم اقبال بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪٽرز کي پنهنجي رٽائرمينٽ جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته تميم اقبال 2007 ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۽ 2008 ۾ ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو.

هن 70 ٽيسٽ ميچن ۾ 5  هزار 134 رنسون، 243 ون ڊي ميچن ۾ 8 هزار 357 رنسون ۽ 78 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن ۾ هڪ هزار 758 رنسون ٺاهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *