بني گالا، وزيراعظم هائوس يا لنڊن ۾ لڪڻ وارا ناهيون، بلاول ڀٽو سينو تاڻي عوام جي وچ ۾ موجود آهي: نثار کهڙو
November 3, 2016 at 8:02 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاڙڪاڻو(رپورٽر)پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر صوبائي وزيرنثار احمد کهڙو ڪالهه رات دير سان هڪ وڏي ريلي سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان بني گالا، وزير اعظم هائوس ۽ لنڊن ۾ لڪڻ وارا نه آهيون، اسان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سينو تاڻي عوام جي وچ ۾ موجود آهي جيڪو سڀني کي للڪاري ٿو ته سندس پيش ڪيل مطالبا نه مڃيا ويا ته ٻاهر نڪرنداسين، تڏهن انهن کي ناني ياد اچي ويندي. هي پيپلز پارٽي کي مڃائي ڏيکارڻ جو وقت آهي جنهن لاءِ ڪارڪن تياري ڪري وٺن. اسان هٿرادو ليڊرن، آمرن جي چمچن ۽ حڪمرانن خلاف نڪرنداسين. هن چيو ته اوهان ڏٺو ته اڄ وزيراعظم منهن لڪائي ويٺل آهي، دنيا ۾ اسان جي ڳالهه نٿي مڃي وڃي، دشمن پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ جي هام هڻي رهيا آهن. اسان اڳ ئي چيو هو ته پاناما ليڪس جي جاچ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ کي ڏسنداسين ۽ پارليامينٽ ۾ بل به آڻينداسين. اڄ عدالت چيو آهي ته پاناما ليڪس معاملي جي ٻڌڻي روزانو ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن جي بدنامي اسان کي ڪٿان جو نه ڇڏيو آهي. خبر نه آهي ته عمران خان ڪهڙيءَ آڱر کڄڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ان کي هميشه آڱر کڄڻ جو ئي انتظار رهندو آهي. دنيا ڏٺو آهي ته ضياءَ جي سيٽي وڃائڻ تي گڏ ٿيندڙ ۽ آمر مشرف جي جهولي ۾ ويهندڙ اڄ ڪٿي آهن. اسان جمهوريت کي بچائڻ ۽ احتساب کي ممڪن بڻائڻ لاءِ حڪمرانن کي انجام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. حڪمرانن عوام کي مايوس ڪيو آهي، حڪمرانن کان تنگ اچي چڪا آهيون. اسان قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا. هن جمهوريت لاءِ اسان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اسان کي عوام جي ساٿ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان سؤ سيڪڙو وارا آهيون. پ پ ۾ اڃان وڌيڪ نوجوانن ۽ پوڙهن جي ضرورت آهي، جيئن 2018ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن دوران ڪاميابين جا رڪارڊ قائم ڪيون ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ڪري ڏيکاريون. اسان اڳ به محترمه بينظير ڀٽو کي اسلامي دنيا جي پهرين وزيراعظم ڪري رڪارڊ قائم ڪيو هو.. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي ۽ عوام سان وفاداريءَ جو ساٿ نڀائڻ جو وچن ڪيو آهي. مونکي شهيد بينظير ڀٽو جي زماني ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر وارو منصب مليو هو ۽ اڄ وري بلاول ڀٽو زرداريءَ جي دؤر ۾ ٻيهر مليو آهي. هي ساڳيو ئي سلسلو آهي. مان چئي سگهان ٿو ته پيپلز پارٽيءَ ۾ وفاداري ۽ محنت جو قدر آهي. هن پارٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي مڃيو ويندو آهي. مان پارٽي ڪارڪنن جو پڻ احسان مند آهيان جن مونکي هن منصب تي پهچايو، هي منصب ذميواريون گهري ٿو. پيپلز پارٽيءَ کي هر محلي، وارڊ، يونين ڪائونسل ۽ شهر توڙي ڳوٺ ۾ مضبوط ڪيو ويندو. ان موقعي تي صوبائي وزير زراعت سهيل انور سيال، ايم اين اي اعجاز جکراڻي، ايم پي اي محمد علي ڀٽو، ايم پي اي خورشيد احمد جوڻيجو، ميئر ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻومحمد اسلم شيخ، پ پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، نورالدين ابڙو، خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، امين شيخ, سليم سومرو، ابراهيم کوسو، مظهر جوڻيجو، پ پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هئا.