اسلام آباد:(بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سومر ڏينهن اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب کي چيو ته هو وسيع تر قومي مفادن خاطر چونڊ سڌارن لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جي اجلاسن ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، ان لاءِ اداري ۽ سندس آفيسرن جي احترام کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ بنا جواز الزامن کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان لاءِ سمورا پارليامينٽرينز احترام لائق آهن تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن ۽ ان جي آفيسرن جي عزت جو به خيال رکيو وڃي. هن اسپيڪر کي خاطري ڪرائي ته هو لاڳاپيل آفيسرن سان گڏجي چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جي اجلاسن ۾ نه رڳو شرڪت ڪندو پر سمورو آئيني ۽ قانوني سهڪار پڻ جاري رکندو.
بنا جواز الزامن کان پاسو ڪيو وڃي:بابر يعقوب
Related Posts
تحريڪ انصاف باني کي اين آر او نه ملندو : فيصل ڪريم ڪنڊي
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته تحريڪ...
تحريڪ انصاف باني کي ڪيسن جي ڪابه پرواهه ناهي، هو فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت آيا هئا : بئريسٽر گوهر
تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته 190...
تحريڪ انصاف باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٽيون ڀيرو ٻيهر ملتوي
تحريڪ انصاف باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف...