بل گيٽس جو وزيراعظم کي خط، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند

اسلام آباد (بيورو) مائڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس وزيراعظم عمران خان کي خط لکي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. دنيا جي امير ترين شخص سمجهي ويندڙ مائڪرو سافٽ ڪمپني جي باني پنهنجي خط ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. بل گيٽس جو چوڻ آهي پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا، مائڪرو سافٽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولي سگهي ٿو. خط ۾ چيو ويو آهي ته بل گيٽس فائونڊيشن صحت جي شعبي ۾ پاڪستان جو سهڪار جاري رکندي، مائڪرو سافٽ باني پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم به ظاهر ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *