اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته امن ۽ ترقي هڪ ٻئي سان گڏ هلندا آهن پر دشمن پاڪ چين ترقياتي منصوبن کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر خطري جي علامت آهي، امن ۽ ترقي گڏوگڏ هلندا آهن پر دشمن پاڪ چين ترقياتي منصوبن کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان ڪري دهشتگردي جو خاتمو تمام ضروري آهي، دهشتگردي خلاف ڪاميابي ئي دشمن جي ناڪامي ۽ اسان جي فتح آهي.