بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر محمد حسيب ۽ حوالدار نور احمد کي مڪمل فوجي اعزاز سان اباڻي علائقي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته شهيد ميجر محمد حسيب جي راولپنڊي ۽ حوالدار نور احمد جي بارکان ۾ تدفين ڪئي وئي.
شهيدن جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول اختيارين، فوجي جوانن ۽ شهيدن جي مٽن مائٽن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب وطن جي دفاع ۾ شهيدن جون عظيم قربانيون سندن جذبي ۽ ايمان کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.