بلوچستان جي سياسي قيادت کي مسئلن جو حل پاڻ ڪڍڻو پوندو: وزيراعظم

گوادر ( م ڊ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا موجوده ۽ ايندڙ نسل لاءِ چيني صدر جو تحفو آهي، سي پيڪ سان خطي ۾ خوشحالي ايندي. گوادر ايڪسپو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته سي پيڪ نواز شريف ۽ چيني صدر جو وزيرن هو جيڪو اڄ حقيقت بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ چيني صدر ۽ نواز شريف جي وزيرن کي عملي صورت ڏيڻ جو ڏينهن آهي. سندس چوڻ هو ته گوادر فري پورٽ، فري زون، ايسٽ وي، ايڪسپريس وي ۽ ٻيون رٿائون اڄ حقيقت آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته چين پاڪستان کي جٽادار توانائي جون رٿائون ڏنيون آهن، گوادر بندرگاهه رٿا ۾ ماحولياتي آلودگي بابت خاص خيال رکيو پيو وڃي. هن چيو ته مواصلاتي نظام کي مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته موجوده پاليسيون مستقبل ۾ به جاري رهنديون، فري زون، توانائي ۽ ٻيون رٿائون ملڪ ۾ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪنديون. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته بلوچستان جو مستقبل صوبائي قيادت جي هٿن ۾ آهي، موجوده حڪومت ٻيهر آئي ته رٿائون جاري رکيون وينديون. هن چيو ته بلوچستان جي سياسي قيادت کي پنهنجي مسئلن جو حل پاڻ ڪڍڻو پوندو، سي پيڪ رٿا خطي لاءِ گيم چينجر آهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان حڪومت ڪوسٽ لائن جي ترقي لاءِ رٿا بندي ڪري، رٿا تي وفاقي سرڪار ڀرپور سهڪار ڪندي.  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته علائقي جي ترقي بلوچستان حڪومت ۽ قيادت جي پهرين ذميواري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *