ڪوئيٽا(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان بلوچستان جي اڳوڻن وڏن وزيرن عبدالمالڪ بلوچ ۽ ثناءُ الله زهري کي سڀاڻي عدالت طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته پنهنجي ريمارڪس ۾ سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ گورننس جي لاءِ ٽي وڏا وزير آيا انهن عوام جي لاءِ ڇا ڪيو هتي اچي ٻڌائن. سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽ ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ ڪوئيٽا ۾ سرڪاري اسپتالن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي خراب حالت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جيڪا عوامي شڪايت تي ڪئي وئي. ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري، صحت وارو سيڪريٽري، تعليم وارو سيڪريٽري ۽ ٻيون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل بلوچستان رئوف عطا صوبائي حڪومت طرفان ڪيسن جي پيروي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته بدقسمتي سان اسان جا ميڊيڪل ڪاليج معياري ناهن، خانگي ڪاليجن ۾ ٻارن کان 20 کان 25 لک رپيا ورتا ويندا آهن، اسان اِهو به ڏسي رهيا آهيون ته ڪٿي اهو ڪو بزنس ته ناهي، اسان جي ڪوشش آهي ته 2 ڪروڙ ٻارن کي پيسا واپس ٿين. چيف جسٽس ميڊيڪل ڪاليج جي لاءِ 8 لک 56 هزار کان وڌيڪ فيسون ري فنڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسپتالن جي خربا صورتحال بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته حڪومتي اسپتالن جي اهڙي حالت ڪيئن ٿي، اسان ان بابت به ايس او پي ڏني آهي، آئون ڪجهه اسپتالن جو دورو به ڪرڻ چاهيان ٿو، بلوچستان اسان جي لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿو. صحت واري سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته مريضن جو ڪير به علاج ناهي ڪري رهيو. صحت واري سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته 21 سيڪڙو نان ڊيولپمينٽ بجيٽ آهي ۽ رڳو 6 سيڪڙو ترقي تي خرچ ٿيندي آهي، بلوچستان ڪا به پرائيويٽ اسپتال ناهي، هڪ ڪاليج ملٽري ميڊيڪل بورڊ جي بندوبست هيٺ آهي. صحت واري سيڪريٽري جي بريفنگ تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 18هين ترميم کان پوءِ وسيلا صوبن کي پيدا ڪرڻا آهن، توهان وفاق ڏانهن ڏسي رهيا آهيو. چيف جسٽس چيو ته انهن وڏن وزيرن کي گهرايو جيڪي هتي 4 سال اقتدار ۾ رهيا، صوبي جي عوام جي لاءِ هنن ڇا ڇا ڪيو؟ هتي اچي ٻڌائن، گورننس جي لاءِ 3 وڏا وزير آيا انهن ڇا ڪيو؟ عدالت سڀاڻي بلوچستان جي اڳوڻن وڏن وزيرن ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ نواب ثناءُ اللهري زهري کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته صحت جو مسئلو بنلا بڻجي چڪو آهي، ممڪن اِهو ناهي ته 500 ارب رپيا هڪڙي ڏينهن ۾ ملي وڃن، ان کي معمولي پاليسي طور نه وٺو، پنهنجين خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ مختصر ۽ طويل مدي واريون پاليسيون بڻايو، پاليسي اڃان منظور ناهي ٿي، ماضي جي بدران اڳتي ڏسو ۽ مسئلا حل ڪيو. چيف جسٽس چيف بلوچستان جي چيف سيڪريٽري سان مڪالمو ڪيو ته حڪومت وٽ چند هفتا باقي وڃي بچيا آهن، پوءِ پاليسي ڪير منظور ڪندو؟ اسان جو مقصد ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ناهي، ضرورت آهي ته عوام کي سهولت ملي، آئين اسان کي پابند ڪري ڇڏيو آهي ته عوام جي بنيادي حقن جي لاءِ پنهنجو فرض نڀايون. جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي تي وفاق اسان جي نوٽيس کان پوءِ فنڊ ڏنا، مسئلو حل ٿي ويو. ان کان سواءِ چيف جسٽس آف پاڪستان سول اسپتال ڪوئيٽا جو دورو ڪيو جتي هن مختلف شعبن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو به ساڻس گڏ هو. چيف جسٽس سول اسپتال ۾ صفائي جي صورتحال تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ غفلت ڪندڙن جي خلاف فوري ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا.