اسلام آباد (اين اين آءِ) متحده عرب امارات عملدارن بلديا ٽائون سانحي جي مک جوابدار حماد صديقي کي پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيو.، بلديا فيڪٽري سانحي جو مک جوابدار ۽ ايم ڪيو ايم تنظيمي ڪميٽي جي اڳوڻيانچارج حماد صديقي جي گرفتار جي لاءِ عدالت انٽرپول سان رابطي جو حڪم ڏنو هو. جنهن تي جوابدار کي هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ دبئي مان گرفتار ڪيو ويو. جوابدار جي پاڪستان حوالي ڪرڻ لاءِ ضروري ڪاروائي ٿي رهي هئي، امارات جي عملدارن جوابدار کي پاڪستان جي ڳجھي اداري جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان کي پاڪستان آندو ويو آهي، حمادصديقيءَ کي حوالي گڏيل انٽيليجنس تعاون جو نتيجو آهي ۽ ان ۾ نارمل چينلز کي استعمال نه ڪيو ويو، پر لياري گينگوار جي مک جوابدار عزير بلوچ جيان ئي هيءَ ڪاروائي ڪئي وئي آهي، حماد صديقي کي مناسب وقت تي آڏو آندو ويندو ۽ عدالت ۾ به پيش ڪيوويندو.